JEST Past Paper Dated: 16-09-2021

ھيٺ ڏنل عبارت پڙھي سوال نمبر:1 کان 5 جا مناسب جواب چونڊيو۔

 تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، پاڪستان جو جھنڊو کورڻ واريءَ جنھن عورت جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، اھا ھئي بيگم صغرا ھدايت الله، جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ وومين ڪاميٽيءَ جي صدر پڻ ھئي، سندس جنم جو ھنڌ سنڌ جو تاريخي شھر شڪارپور آھي، تن ڏينھن جي رواج مطابق کيس گھر ۾ تعليم ڏياري وئي۔
بيگم صغرا ھدايت الله جي شادي غلام حسين ھدايت الله نالي ھڪ جوان سان ٿي، جيڪو تازو ئي لندن مان وڪالت جي اعليٰ تعليم پوري ڪري وطن واپس وريو ھو۔
ان وقت ھندوستان تي انگريزن جو راڄ ھو ۽ سنڌ بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪئي وئي ھئي تڏھن نوجوان سياستدان کي بمبئي پريزيڊنسي طرفان صدر چونڊيو ويو ۽ ھو اٺن سالن تائين وزير رھيو، جڏھن مسلم ليگ عورتن جي سب ڪاميٽي جوڙي وئي ته ان جو صدر بيگم صغرا کي چونڊيو ويو۔
سندس ساٿي ڪارڪنن ۾ بيگم شعبان ۽ مس ولي محمد جا نالا ذڪر جوڳا آهن ھن ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس ڪراچي شهر جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو ان اجلاس کي بيگم هدايت الله ۽ بيگم شفيع خطاب ڪيو۔

ھن عبارت ۾ صفت قطاري ڪيترا ڀيرا ڪتب آندو ويو آهي ؟

 ھڪ
ٻه
ٽي
چار

ٻه

ھن عبارت مان مرڪب لفظ چونڊيو ؟

 پاڪستان
انگريزن
ڪميٽي
گانڌي گارڊن

پاڪستان

ھن عبارت جي آخري جملي ۾ موجود ضمير جي ترڪيب ڪريو ؟

ضمير موصول، عدد جمع، جنس مذڪر، حالت فاعل 
ضمير خالص، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت فاعل
ضمير اشارو، عدد واحد، جنس مؤنث، حالت فاعل
ضمير اشارو، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعول

ضمير اشارو، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت مفعول

ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي ؟

 خاڪو
سوانح حيات
آتم ڪٿا
ڏند ڪٿا

سوانح حيات

ھي عبارت فعل جي ڪھڙي زمان سان واسطو رکي ٿي ؟

 زمان ماضي
زمان حال
 زمان مستقبل
زمان مضارع

زمان ماضي

ھيٺ ڏنل شاعري پڙھي سوال نمبر 6 کان 10 جا مناسب جواب چونڊيو ؟

ٽيليفون اي ٽيليفون،
ھيلو ھيلو ڪير به ڪونه!
سائين ڳالھائيو ٿا ڇونه؟
انڪل نانءُ اوھان جو ڇا آهي؟
منھنجو نالو”نورل” آھي.
ھاڻي نه ڪجھ آواز ئي ناھي
آڌي رات جو وڳي گھنٽي،
ساري گھر جي ننڊ ڦٽي،
غلط نمبر ھو ويو لڳي
عمرڪوٽ جي “آنٽي” آھين؟
يا بوبڪ جي”ڀاڀي” آھين؟
ڇا ڏيپيلي جي “ڏاڏي” آھين؟
ھيلو ھيلو ڪير به ڪونه!
سائين ڳالھائيو ٿا ڇونه؟
ٽيليفون اي ٽيليفون!
 

معنوي لحاظ سان ھي شاعري ڪھڙي صنف سان تعلق رکي ٿي ؟

 ٽيڙو يا ته سٽو
غزل
طنز ۽ مزاح
بيت

طنز ۽ مزاح

فعل جي اصولن مطابق شاعري جي ھنن سٽن مان اھڙي سٽ ڳوليو جيڪا مجھولي نه آهي ؟

 انڪل نانءُ اوھان جو ڇا آهي
آڌي رات جو وڳي گھنٽي
غلط نمبر ھو ويو لڳي
ساري گھر جي ننڊ ڦٽي

انڪل نانءُ اوھان جو ڇا آهي

وياڪرڻ موجب ھن شاعريءَ جو سٽون نمبر 3 ۽ 4 ضمير جي ڪھڙي حالت کي ظاھر ڪن ٿيون ؟

 ضمير متڪلم
ضمير حاضر
ضمير غائب
ضمير اشارو

ضمير حاضر

ھيٺين مان اھا ڪھڙي بيھڪ جي نشاني آھي جنھن جو تعداد شاعري جي ھنن سٽن۾ وڌيڪ استعمال ٿيل آھي ؟

 دم
اڌ دم
پورو دم
ٿورو دم

ٿورو دم

ھرڪو جو ابتڙ مطلب رکندڙ لفظ شاعري جي ھنن سٽن مان ڳوليو ؟

 ساري گھر
ڇو نه
ڪو نه
ڪير نه

ڪو نه

ھيٺين مان اھڙو جملو چونڊيو جنھن۾ اسم يا ضمير جي حالت جري ھجي ؟

 سج اڀرندو ته گرمي ٿيندي
ھاٿي تمام ڳرو جانور آهي
ڪمرو بالڪل خالي آھي
گلن ۾ گلابي مزيدار گل

گلن ۾ گلابي مزيدار گل

ھيٺ ڏنل جملن مان فقرو چونڊيو ؟

 ماني کائي وٺ
ڇاجي ڪري
انور ڪٿي آھي
شاگرد پڙھن ٿا

ڇاجي ڪري

ھيٺ ڏنل جملن مان حرف ندا کي ظاھر ڪندڙ جملي جي چونڊ ڪريو ؟

 ڪاميابي لاءِ گھڻي ڪوشش ڪرڻ گهرجي
ڏکن پٺيان سک ايندا آهن
آصف تون مون سان ملي پوءِ وڃجان
گلاب جو گل خوبصورت آهي

آصف تون مون سان ملي پوءِ وڃجان

ھيٺين مان اھڙي جملي جي چونڊ ڪريو جنھن ڪا غلطي موجود آهي ؟

 شاگردياڻيون ھاڻي اسڪول پھتيون آھن
لاڏائو پکي سياري ۾ ايندا آهن
جھاز ھڪ عجيب ايجاد آھي
مزدور جو گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو

مزدور جو گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو

مدحت سرائي ڇاکي ٿو چئجي ؟

 راڳ ڳائڻ
دعوت ڏيڻ
واکاڻ ڪرڻ
سر جھڪائڻ

واکاڻ ڪرڻ

اسم کي واحد يا جمع، مذڪر يا مؤنث ۾ بدلائڻ سان جيڪا تبديلي اچي ٿي ان کي ٻولي جي قاعدي موجب ڇا چئبو آهي ؟

 اسم جي حالت
اسم جي مٽاسٽا
اسم جي تبديلي
اسم جو ڦيرو

اسم جو ڦيرو

فشي جي معنيٰ ٻڌايو ؟

 چُرچ
صلاح
پريشاني
پڄائڻ

چُرچ

انصاف جي لفظي معنيٰ ٻڌايو ؟

 اڌو اڌ ڪرڻ
پورو ڪرڻ
رحم ڪرڻ
قانون تي عمل ڪرڻ

اڌو اڌ ڪرڻ

اھڙو جملو جنھن ۾ مبتدا ۽ خبر ھجي، ان جملي کي ڇا چئبو آهي ؟

 منفرد جملو
مفرد جملو
مرڪب جملو
مرتب جملو

مفرد جملو

ھيٺين مان فعل اڪر ترڪ جو جملو ڪھڙو آھي ؟

ھن جي نظر تيز آھي 
گھوڙا ڊوڙندا آھن
ڪاڪو آدم لغڙ ڏسڻ آيو
پينگھي ۾ لڏبو آهي

پينگھي ۾ لڏبو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Scroll to Top